اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پرامن نموني عاشوره جي گذرڻ تي شڪر جو اظهار ڪيو آه??. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم محرم الحرام دوران امن امان يقيني بنائڻ تي وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُ الله، سمورن صوبائي گهرو وزيرن، وفاقي ۽ صوبائي اختيارين ۽ سيڪيورٽي فورسز کي شاباسي ڏني ۽ چيو ته وڏن وزيرن، صوبائي توڙي ضلعي ا??تظ??ميه ۽ پوليس آءِ جيز کي محرم الحرام دوران بهترين ا??تظ??م ڪرڻ تي مبارڪون پيش ڪيان ٿو. وزيراعظم چيو ته امن امان کي يقيني بڻائيندي عاشوره جي جلوسن جي لاءِ بهترين ا??تظ??م ڪيا ويا، وفاقي ۽ صوبائي کاتن ۽ سيڪيورٽي جي سمورن ادارن بهترين تعاون سان ڪم ڪيو. وزيراعظم چيو ته پوليس آفيسرن ۽ جوانن کي شاباسي ڏيان ٿو جن ڏينهن رات سيڪيورٽي جا فرض نڀايا، الحمدلله سيڪيورٽي جي بهترين ا??تظ??من جي ڪري ڪو اڻوڻندڙ واقعو پيش نه آيو.