ڪراچي – 02 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مل??ي معاشي مسئلن جي حل لاءِ ڪاروباري برادري جو اهم ڪردار آهي، خصوصي سيڙپڪاري ??هو??ت ڪائونسل سان مل?? ۾ وڏي پئماني تي ٻاهرئين سيڙپڪاري ٿيندي، ڪراچي جي واپاري برادري کي ??هو??تون ڏيڻ ۽ انهن جي مسئلن جو حل حڪومت جي اولين تر??يح آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن صدر طارق يوسف ۽ چيف ايگزيڪيوٽو زبير موتي والا جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيرن ??يد نويد قمر، ??يد امين الحق، احسن اقبال، انجنيئر خرم دستگير، مملڪتي وزير مصدق مل??، خاص معاونين طارق باجوه، طارق پاشا، جهانزيب خان، سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري، سنڌ جي وڏي وزير ??يد مراد علي شاهه، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، ايف بي آر چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ڪراچي جي واپاري برادري کي ??هو??ت ۽ انهن جي مسئلن جو تر??يحي بنيادن تي حل حڪومت جي اولين تر??يح آهي، مل??ي معاشي مسئلن جي حل لاءِ ڪاروباري برادري جو اهم ڪردار آهي، ڪراچي ۾ بجلي ۽ گئس جي منصفاڻي ورڇ جي لاءِ توهان جي تجويزن جي آجيان ڪريون ٿا. هن چيو ته حڪومت مل?? ۾ مثبت ڪاروباري ماحول قائم ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا آهن، حڪومت 10 هزار ميگاواٽ شمسي بجلي جو منصوبو ٺاهيو آهي جنهن ۾ ٻاهريان سيڙپڪار گهري دلچسپي جو اظهار ڪري رهيا آهن. هن چيو ته خصوصي سيڙپڪاري ??هو??ت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) سان مل?? ۾ وڏي پئماني تي ٻاهرئين سيڙپڪاري ٿيندي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اسٽيٽ بئنڪ ۽ فيڊرل بورڊ آف روينيو جا عملدار واپاري برادري سان تعاون سان انهن جا مسئلا حل ڪن. هن چيو ته حڪومت ڪراچي جي واپارين کي هڪ قيمت تي بجلي جي فراهمي يقيني بڻائيندي. ان موقعي تي ٽريڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي چيف ايگزيڪيوٽو ۽ واپاري برادري جي اڳواڻ زبير موتي والا واپاري برادري جي مسئلن جي حل لاءِ تجويزون پيش ڪيون ۽ وزيراعظم جي واپاري برادري جي مسئلن جي حل لاءِ قدمن تي خراج تحسين پيش ڪيو.