اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ س??لن??ي سان پاڪستان جي پهرين خلاباز عورت نمي??ه سليم ملاقات ڪئي ۽ ک??س 5 آڪٽوبر تي پنهنجي خلائي سفر تي روانگي بابت تيارين کان آگاهه ڪيو. نمي??ه سليم خلا ۾ پاڪستاني جهنڊو بلند ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ س??لن??ي نمي??ه سليم کي خلائي سفر شروع ڪرڻ تي حڪومت پاڪستان، نگران وزيراعظم ۽ عوام پاران مبارڪباد ڏني ۽ سندس ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهش جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ س??لن??ي چيو ته نمي??ه سليم سمورين عورتن جي لاءِ رول ماڊل آهي، سندس تحقيق بابت خلائي سفر ۾ پاڪستان جي وڌندڙ موجودگي جي علامت آهي، جيڪا قوم جي لاءِ اهم ڪاميابي آهي. مرتضيٰ س??لن??ي چيو ته نمي??ه سليم به ان ڪوشش سان پاڪستان جو امن پسند ۽ ترقي پسند ملڪ جي حيثيت سان مثبت تشخص اجاگر ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان جي نوجوان نسل زندگي جي مختلف شعبن ۾ پاڪستان جو نالو بلند ڪري سگهي ٿي. واضح رهي ته نمي??ه سليم پهرين پاڪستاني عورت آهي جنهن کي قطبن تي پهچڻ جو اعزاز به حاصل آهي. نمي??ه سليم 21 اپريل 2007ع تي اتر قطب ۽ 8 جنوري 2008ع تي ڏکڻ قطب ۾ پاڪستان جو جهنڊو لهرائي چڪي آهي جڏهن ته ايندڙ مهيني هوءَ خلائي سفر تي رواني ٿي رهي آهي.