اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) نگران وز??را??ظم انوارالحق ڪاڪڙ غزه ۾ شهرين جي خلاف وڌندڙ اسرائيلي ڏاڍ ۽ جارحيت جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته اهڙي طرح جي مذمت جوڳي ڪاررواين کي ڪڏهن به ??عا?? يا نظرانداز نٿو سگهجي، فلسطيني عوام جي قتل عام کي بند ڪرا??ڻ جي لاءِ دنيا کي هاڻي عملي قدم کڻڻ گهرجن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ نگران وز??را??ظم چيو ته گذريل ڏينهن جباليه ڪئمپ تي فضائي حملو غزه ۾ جاري اسرائيلي ڏاڍ ۽ جنگي ڏوهن جو واضح مثال آهي جتي عورتن ۽ ٻارن سميت سوين ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. هن چيو ته اهڙي طرح جي مذمت جوڳي ڪاررواين کي ڪڏهن به ??عا?? يا نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي، ان قتل عام کي بند ڪرا??ڻ جي لاءِ دنيا کي هاڻي عمل ڪرڻ گهرجي.