ڪراچي – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي پٺتي پيل علائقن ۾ صحت جي سهولتن تائين پهچ کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ٽيلي ميڊيسن ۽ ٽيلي هيلٿ ڪيئر پليٽ فارمز کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڊيجيٽل پليٽ فارمز ماڻهن کي صحت جي حوالي سان وقت سر مشورا ڏيڻ کانسواءِ ڏورانهن ??لائقن تائين بهتر خدمتن جي پهچ کي وڌائڻ ۾ مدد??ار ثابت ٿي سگهن ٿا. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ڪراچي ۾صحت ڪهاڻي جي اهتمام هيٺ ”عورت ڊاڪٽرن جي انٽر پرينيورشپ ۽ ميڊيڪل ليڊرشپ“ جي عنوان سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صحت ڪهاڻي جي سي اي او ساره سعيد خرم، صحت ڪهاڻي جي سي اي او ۽ شريڪ باني ڊاڪٽر عفت ظفر ۽ ٽيلي هيلٿ ڪيئر سروسز جي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ ٻين طبي ماهرن تقريب ۾ شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي صدر چيو ته قومون تعليم ۽ صحت جي سهولتن جي کوٽ جي ڪري ناڪام ٿيون، پاڪستان کي بيمارين جي علاج بدران بيمارين کان بچاءُ تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن ??ن ??ال??ه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته ملڪ ۾ 28 ملين ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن. صدر ان ??ال??ه تي روشني وڌي ته اسان جي ملڪ ۾ عورتن کي مرڪزي ڌارا جي اقتصادي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ معاشري ۾ مختلف رڪاوٽون درپيش آهن، عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ تعليم ڏيڻ جا وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻ ۾ ادارن جي ڪر??ار تي زور ڏنو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي عورت ڊاڪٽرن جي لاءِ بهتر موقعن سان گڏ معاشري کي تبديل ڪرڻ ۾ صحت ڪهاڻي جي فعال ڪر??ار کي ساراهيو. هن ٽيلي ميڊيسن ۽ ٽيلي هيلٿ ڪيئر سروسز تي ان جي ڌيان کي ساراهڻ سان گڏوگڏ عورتن کي پنهنجي ملڪ جي خدمت ڪرڻ جو رستو فراهم ڪرڻ ۾ پڻ صحت ڪهاڻي جي ڪر??ار کي تسليم ڪيو. صدر مواصلات معاشري ۾ بهتري آڻڻ کي اهم قرار ڏيندي ذهني صحت ۽ تندرستي ۽ صحت ۽ ان جهڙن ٻين مسئلن جي حل طرف هڪ قدم طور گهر تي ??ال??ه ٻولهه شروع ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته حڪومت دماغي صحت جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ”همراز“ جي نالي سان هڪ ايپلي ڪيشن جي ذريعي هيلپ لائين شروع ڪئي آهي ۽ اهي ماڻهو جيڪي ذهني بيماري يا ڪنهن ??ه ڊپريسن جي حالت کي منهن ڏئي رهيا آهن ??هي ان مان فائدو کڻي سگهن ٿا. هن چيو ته همراز گذريل حڪومت جي دور ۾ لانچ ڪيو ويو هو. صدر سڄي پاڪستان ۾ طب جي شعبي ۾ اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏيندڙ ڊاڪٽرن ۾ شيلڊز پڻ ورهايون. صحت ڪهاڻي جي سي اي او ڊاڪٽر ساره سعيد خرم عورت ڊاڪٽرن جي عورت انٽرپرينيورشپ ۽ ميڊيڪل ليڊرشپ جي نمايان ڪام??اب??ن کي اجاگر ڪندي چيو ته صحت ڪهاڻي جي شروعات عورت ڊاڪٽرن کي ملڪ جي خدمت جو موقعو فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪيو ويو هو. هن چيو ته صحت ڪهاڻي – ڊيجيٽل هيلٿ ڪيئر آرگنائيزيشن پنهنجي ايپ جو استعما?? ڪندي نه رڳو مريضن کي پاڪستان ۾ ڊاڪٽرن سان ڳنڍي ٿي پر ان جون سڄي ملڪ ۾ اي ڪلينڪس پڻ آهن ??يڪي غريب ڪميونٽيز جي خدمت ڪن ٿيون. هن وڌيڪ چيو ته اهو پليٽ فارم انفرادي مشاورت، ڪارپوريٽ ۽ ذهني صحت جي حل، آن لائين تشخيص ۽ اي فارميسي فراهم ڪري ٿو.