اسلام آباد – 13 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چي?? آهي ته ٽيڪس نظام ۾ بهتري جي لاءِ جديد ترين ٽيڪنالاجي جو استعمال لازمي آهي، اس??گلنگ جي ڪنٽرول جي لاءِ اهم قدم کنيا آهن پر ان حوالي سان وڌيڪ ڪم ڪرڻو پوندو، ايف بي آر جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي حوالي سان سمورين ڌرين سان مشاورت ??ئي وڃي ۽ ان حوالي سان هڪ ٺوس حڪمت عملي پيش ??ئي وڃي جنهن ۾ سمورن لاڳاپيل ادارن جون تجويزون به شامل ڪيون وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ فيڊرل بورڊ آف روينيو سان لاڳاپيل اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم کي ٽيڪس نيٽ وسيع ڪرڻ ۽ ٽيڪس سسٽم کي ڊيجيٽلائيز ڪرڻ جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ ايف بي آر جي ري اس??رڪچرنگ جي حوالي سان مختلف تجويزون غور هيٺ آيون. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي نگران وزيراعظم چي?? ته اوڳاڙين جي وصولي ملڪ جي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي. هن چي?? ته ٽيڪس نظام ۾ بهتري جي لاءِ جديد ترين ٽيڪنالاجي جو استعمال لازمي آهي، اس??گلنگ جي ڪنٽرول جي لاءِ گذريل ڏينهن ڪافي اهم قدم کنيا ويا آهن پر ان حوالي سان وڌيڪ ڪم ڪرڻو پوندو. نگران وزيراعظم هدايت ??ئي ته ايف بي آر جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي حوالي سان سمورين ڌرين سان مشاورت ??ئي وڃي ۽ ان حوالي سان هڪ ٺوس حڪمت عملي پيش ??ئي وڃي جنهن ۾ سمورن لاڳاپيل ادارن جون تجويزون به شامل ڪيون وڃن. اجلاس ۾ ناڻي واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر، نگران وزيراعظم جي صلاحڪار احد چي??ا، ايف بي آر چيئرمين، ناڻي واري وفاقي سيڪريٽري ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.