اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ن??را?? وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سي پيڪ منصوبن جي تڪميل جي حوالي سان حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته سي پيڪ منصوبن تي پيشيواراڻي انداز ۾ ڪم جاري آهي، آل پاڪستان چائنيز انٽر پ??ائ??زز ايسوسيئيشن جي 201 کان وڌيڪ ميمبر ??مپ??ين هيستائين پاڪستان ۾ 25 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪئي ۽ 85 هزار کان وڌيڪ پاڪستانين کي روزگار ڏنو، اطلاعات واري وزارت چائنيز انٽرپ??ائ??زز کي هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آل پاڪستان چائنيز انٽرپ??ائ??زز ايسوسيئيشن جي اهتمام هيٺ ” سي پيڪ جا 19 سال“ جي عنوان سان رپورٽ جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري ن??را?? وفاقي وزير پاڪستان چائنا انسٽيٽيوٽ جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته هي تقريب دنيا جي سامهون چائنيز انٽرپ??ائ??زز پاران پاڪستان ۾ ڪيل اهم ۽ شاندار ڪم کي اجاگر ڪندي. هن چيو ته پاڪستان چائنا انسٽيٽيوٽ چائينز انٽرپ??ائ??زز جي ڪوششن کي فروغ ۽ عوام کي آگاهي فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته هڪ ڏينهن به اهڙو نٿو گذري جڏهن اسان ميڊيا تي سي پيڪ منصوبن ۾ چائنيز انٽرپ??ائ??ز پاران ٿيندڙ اڳڀ??ائ?? بابت نه ٻڌندا هجون. چائينز انٽرپ??ائ??زز جنهن پيشيواراڻي مهارت ۽ مستقل مزاجي سان عالمي وبا جي باوجود سي پيڪ تي ڪم جاري رکيو جڏهن دنيا جي اٽڪل هر منصوبي ۾ رڪاوٽون هيون، پاڪستان ۽ چين جي حڪومت سان گڏوگڏ عالم?? ميڊيا پڻ انهن ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته آل پاڪستان چائنيز انٽرپ??ائ??زز ايسوسيئيشن جي 201 کان وڌيڪ ميمبر ??مپ??ين هيستائين پاڪستان ۾ 25 بلين ڊالر جي سيڙپڪاري ڪئي آهي ۽ 85 هزار کان وڌيڪ مقامي ماڻهن کي روزگار ڏنو جيڪو سي پيڪ جي بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جي گيم چينجر منصوبي جي تصور جو واضح ثبوت آهي. هن چيو ته آل پاڪستان چائنيز انٽرپ??ائ??زز ايسوسيئيشن جي رپورٽ ۾ پائيدار ترقي جي حڪمت عملي جوڙي وئي آهي جيڪا رڳو موٽرويز ۽ پاور پلانٽس تائين محدود نه آهي پر ماضي ۾ ٿر ۽ گوادر جهڙي نظراندز ڪيل علائقن ۾ مقامي ڪميونٽيز کي بااختيار بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. هن پاڪستان چائنا انسٽيٽيوٽ پاران تيار ڪيل ان دستاويزي فلم جنهن ۾ پورٽ قاسم ڪول پاور پلانٽ تي عورتون ڊمپر ٽرڪس هلائي رهيون آهن، جو ذڪر ڪندي چيو ته هي اها تبديلي آهي جيڪا اسان کي دنيا کي ٻڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته گوادر ۾ فقير پ??ائ??ري اسڪول ۽ پاڪ چائنا ٽيڪنيڪل اينڊ ووڪيشنل انسٽيٽيوٽ چائنيز انٽرپ??ائ??زز پاران آندل تبديلي جا جز آهن. ن??را?? وفاقي وزير گرين ڊيولپمينٽ، اسپيشل اڪنامڪ زونز، ٽيڪسٽائيلز، زراعت ۽ ڊيجيٽل اڪانومي ۾ وڌندڙ تعاون کي پڻ ساراهيو. هن چيو ته صدر شي جن پنگ جي خصوصي دعوت تي ن??را?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ تازو ئي بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۾ شرڪت ڪئي، ان دوري دوران ٻنهي ملڪن چين پاڪستان اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ مختلف شعبن ۾ پنهنجي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻايو، اهم مسئلن تي هڪ ٻئي جي لاءِ حمايت کي اجاگر ڪيو ۽ عالمي اقتصادي ترقي کي فروغ ڏيڻ ۾ بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جي اهميت تي زور ڏنو. مرتضيٰ سولنگي چيو ته ان فورم ۾ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) کي بي آر آءِ تحت هڪ اهم منصوبي طور تسليم ڪيو ويو ۽ ٻنهي ڌرين ان جي ترقي کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ان کانسواءِ هن ڪيترن ئي معاهدن ۽ مفاهمت جي ياداشتن تي پڻ صحيحون ڪيون جن ۾ انفراسٽرڪچر، مائننگ، صنعت، گرين ڊيولپمينٽ، صحت، اسپيس ڪوآپريشن، ڊيجيٽل معيشت ۽ ٻيا شامل آهن. ٻنهي ملڪن علائقائي امن، استحڪام ۽ پراڻي تڪرارن جي حل لاءِ پنهنجي گڏيل عزم جو پڻ اظهار ڪيو. هن چيو ته ن??را?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ صدر شي جن پنگ کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏيندي ٻطرفن لاڳاپن جي مضبوطي تي زور ڏنو. ن??را?? وفاقي وزير چيو ته گذريل 70 سالن ۾ دوستاڻي مشاورت ۽ اعليٰ سطحي رابطن جي تسلسل ٻنهي آئرن برادرز پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سياسي اتفاق راءِ ?? گڏيل اعتماد کي وڌيڪ مضبوط بڻايو آهي. هن چيو ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت گڏيل مفادن جي شعبن ۾ چائنيز انٽرپ??ائ??زز کي هر ممڪن تعاون فراهم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي. ن??را?? وفاقي وزير چيو ته اطلاعات واري وزارت جي لاڳاپيل اداري پاڪستان ٽيليوزن، پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن ۽ ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان اڳ ۾ ئ?? ميڊيا تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ پنهنجي چيني ادارن سان منظم فريم ورڪ ۾ مشغول آهن. هن ان موقعي تي سي پيڪ منصوبن ۾ عوامي جمهوريه چين جي سفارتخاني جي تعاون ۽ ڪوششن کي پڻ ساراهيو.