اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ هدايت ڪئي آهي ته طبي تعليم کي موجوده گهرجن سا?? هم آهنگ ڪيو وڃي، افرادي قوت عالمي مارڪيٽ ۾ صحت جي شعبي جي ماهرن جي گهرج پوري ڪرڻ جي لاءِ صحت جي شعبي ۾ سڌارا آندا وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ طبي تعليم ۽ مريضن جي سارسنڀال ۾ سڌارن جي لاءِ جوڙيل ٽاسڪ فورس جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ?? نگران وزيراعظم کي ملڪ ۾ صحت جي شعبي کي عالمي معيار تي آڻڻ جي لاءِ ٺاهيل حڪمت عملي تي بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم اجلاس ?? صحت جي شعبي جي موجوده صورتحال ۽ ان ۾ سڌارن جي ضرورت تي زور ڏنو. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته افرادي قوت جي عالمي مارڪيٽ ۾ صحت جي شعبي جي ماهرن جي گهرج پوري ڪرڻ جي لاءِ ملڪ ۾ صحت جي شعبي ۾ سڌارا آندا وڃن. هن چيو ته نرسنگ هڪ ??نت??ائي اهم شعبو آهي ۽ ان جي ترقي جي لاءِ وڌيڪ ڌيان جي ضرورت آهي. اجلاس ?? صحت واري وزارت، ڪاليج آف فزيشنز اينڊ سرجنز آف پاڪستان، پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل، هايئر ايجوڪيشن ڪميشن ۽ ملڪ جي ميڊيڪل يونيورسٽيز جي حصيداري سا?? صحت جي شعبي ۾ کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ?? ٻڌايو ويو ته صحت جي شعبي ۾ سڌارن جي لاءِ ٽن مرحلن تي ٻڌل حڪمت عملي ٺاهي وئي آهي جنهن جو مقصد پاڪستاني صحت جي شعبي ۾ عالمي معيار موجب قاعدا ۽ ضابطا لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ آهي. اجلاس ?? صحت جي شعبي ۾ گر??جو??يٽ ۽ پوسٽ گر??جو??يٽ سطحن تي سڌاراجاتي حڪمت عملي تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم خاص معاون ڊاڪٽر عامر بلال جي قيادت ۾ صحت جي شعبي ۾ سڌارن جي لاءِ ٽاسڪ فورس جي قدمن کي ساراهيو.