اسلام آباد – 19 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي عام يوٽيوبرز جي ويور شپ وڌيڪ آهي، پي ٽي وي کي سوشل ميڊيا تي پنهنجي ويور شپ وڌائڻ جي ضرورت آهي، ريڊي?? پاڪستان جو مينڊيٽ ماڻهن کي معلومات جي فراهمي آهي، ريڊي?? پاڪستان ڪمرشل ادارو نه آهي، حڪومت تحت ڪم ڪندڙ ادارو آهي، توانائي واري وزارت کي درخواست ڪئي آهي ته ريڊي?? پاڪستان کان بجلي جي بلن تي ڪمرشل ٽيرف چارج نه ڪيو وڃي. اها ڳالهه هن سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي چئي. ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي ڪنوينر سينيٽر فوزيه ارشد جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ڪميٽي ميمبرن کانسواءِ اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري، پي ٽي وي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر، ريڊي?? پاڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ڪميٽي کي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ ان جي انتظامي ڪنٽرول ۾ ڪم ڪندڙ لاڳاپيل کاتن ۾ تجويز ڪيل سڌارن تي تفصيلي بريفنگ ڏني و??ي. ??طلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد پي ٽي وي جي مالياتي پلان جي حوالي سان ڪميٽي کي بريفنگ ڏني. ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته پي ٽي وي ۾ اٽڪل 4100 ملازم ڪم ڪري رهيا آهن، پي ٽي وي تي وڏي لائبلٽي پينشن جي هئي جنهن کي ڪنٽري بيوٽري فنڊ ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. ڪميٽي کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته بجلي جي بلن جي مد ۾ پي ٽي وي کي حاصل ٿيندڙ روينيو سان پي ٽي وي جا پروگرامز ۽ ٻيا خرچ پورا ڪيا وڃن ٿا. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ڪميٽي کي ٻڌايو ته سوشل ميڊيا تي عام يوٽيوبرز جي ويور شپ تمام وڌيڪ آهي. هن چيو ته پي ٽي وي پنهنجي معياري پروگرامز کي سوشل ميڊيا تي به اپ لوڊ ڪري رهي آهي، پي ٽي وي کي سوشل ميڊيا تي ويور شپ وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پي ٽي وي جي پروڊڪٽس جي پبلسٽي جي لاءِ مارڪيٽنگ ۽ سوشل ميڊيا مارڪيٽنگ کي بهتر ڪرڻو پو??دو. اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري ڪميٽي کي ٻڌايو ته ايڊيشنل سيڪريٽري اطلاعات واري وزارت پي ٽي وي جي بورڊ آف گورنرز جو ميمبر هوندو آهي، ڪابينا جي منظوري سان ڪنهن به اهل شخص کي اداري جو سربراهه لڳائي سگهجي ٿو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران حڪومت وٽ جڏهن اهو معاملو آيو ته اسان بهتر اهو ئي سمجهيو ته اهو ڪم چونڊيل حڪومت تي ڇڏيو وڃي، سليڪشن جي لاءِ اشتهار ڏيڻ جو ڊگهو پراسيس آهي جيڪو نگران دور ۾ ممڪن نه هو، مناسب اهو ئي سمجهيو ته نئين پارليامينٽ ۽ حڪومت جڏهن اقتدار ۾ ايندي ته اها پنهنجو استحقاق استعمال ڪندي. اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري ڪميٽي کي ٻڌايو ته پي ٽي وي نيشنل براڊ ڪاسٽر آهي، پي ٽي وي واحد چينل آهي جيڪو پوري پاڪستان ۾ ڏٺو وڃي ٿو، پاڪستان جي ڏورانهن علائقن ۾ به پي ٽي وي جي نشريات ڏٺي وڃي ٿي. پي ٽي وي اسپورٽس جي رائيٽس جي حوالي سان هن چيو ته ان معاملي تي پي سي بي سان رجوع ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته پي ٽي وي اسپورٽس جي رائيٽس بابت موجوده ۽ گذريل چيئرمين پي سي بي سان ملاقات ٿي هئي. ڪميٽي کي ريڊي?? پاڪستان جي نئين قدمن ۽ خصوصي پروگرامن بابت بريفنگ ڏني و??ي. ??طلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته ريڊي?? پاڪستان جو مينڊيٽ ماڻهن کي اطلاع جي فراهمي آهي. ريڊي?? پاڪستان کان چارج ٿيندڙ بجلي جي بلن جي حوالي سان توانائي واري وزير ۽ توانائي واري سيڪريٽري سان ميٽنگ ڪئي آهي، اسان توانائي واري وزارت کي درخواست ڪئي ته ريڊي?? پاڪستان کي بجلي جي بلن جي مد ۾ ڪمرشل اگهه چارج نه ڪيا وڃن. هن چيو ته ريدي?? پاڪستان ڪمرشل ادارو نه آهي، هي حڪومت تحت ڪم ڪندڙ ادارو آهي جنهن جو ڪم ماڻهن کي معلومات جي فراهمي آهي تنهن ڪري اسان کان ڪمرشل اگهه تي بل چارج نه ٿيڻ گهرجن. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير ڪميٽي جي سمورن ميمبرن جا ٿورا مڃيا. واضح رهي ته اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي سمورن اجلاسن ۾ شرڪت ڪئي آهي.