بيجنگ – 15 – مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ چي?? اعليٰ سطحي مٽاسٽا ۽ ٻطرفي مشاورتي طريقيڪار جي ذريعي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي جڏهن ته ٻنهي ملڪن چي?? پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبي جي ٻئي مرحلي ۾ اعليٰ معيار جي ترقي کي اڳتي وڌائڻ جي عزم جي پڻ تجديد ڪئي جنهن ۾ ترقي ۽ روزگار ۽ گرين ڪوريڊ??ر سميت 5 لنگهن تي ڌيان ڏنو ويندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڪالهه اربع ڏينهن هڪ بيان ۾ چي?? ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بيجنگ ۾ سي پي سي جي مرڪزي ڪميٽي جي پولٽ بيورو جي م??مب?? ۽ پرڏيهي وزير وانگ يي سان چي?? پاڪستان اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جي پنجين دور جي گڏيل صدارت ڪئي. ٻنهي طرفن ٻطرفن لاڳاپن جي سم??رن رخن جو جائزو ورتو ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. چي?? پاڪستان ”آل ويدر اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ“ جو ذڪر ڪندي نائب وزيراعظم چي?? سان لاڳاپن کي پاڪستان جي پرڏيهي پالسي جو سنگ بنياد قرار ڏنو. هن ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي جي ڪري علائقائي امن ۽ سلامتي کي درپيش خطرن کي اجاگر ڪيو ۽ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي چي?? جي اصولي موقف کي ساراهيو.