اسلام آباد – 08 مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي هدايت ڪئي آهي ته قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران ڪورونا وبا جي ڏس ۾ صحت جي اصولن تي عم?? ڪندي سماجي فاصلي سميت ٻين احتياطي تدبيرن تي عم??درآمد کي يقيني بڻايو وڃي. اها هدايت هن پارليامينٽ هائوس جي دوري دوران ڏني. صدر قومي اسيمبلي جي هال جو دورو ڪيو ۽ قومي اسيمبلي جي سومر کان شروع ٿيندڙ اجلاس جي انتظامن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي هن اجلاس بابت بريفنگ جي صدارت ڪئي. قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري ۽ قومي اسيمبلي جي اعليٰ عم??دارن صدر کي بريفنگ ڏني.