اسلام آباد – 07 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ڪورونا وب?? جي خلاف موجوده حڪو??ت جي حڪمت عملي ڪامياب رهي آهي، عيدالاضحيٰ جي موقعي تي ڪورونا وب?? جي پکڙجڻ جو خدشو آهي، وزيراعظم عمران خان عيدالاضحيٰ گهر ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ عوام کي به اپيل ڪئي آهي ته هو عيدالاضحيٰ تي گهرن ۾ رهن، وزيراعظم جي غربت گهٽايو ۽ سماجي تحفظ بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر کي احساس پروگرام جو ٻ??و مرحلو شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، حڪومت ڪورونا وب?? ۽ موجوده معاشي صورتحال ۾ متوازن بجيٽ پيش ڪئي آهي، شڪي لائسنس وار?? 28 ??ائليٽس کي نوڪري مان ڪڍيو ويو آهي، جعلي لائسنس وارا سمورا پائليٽس پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ ڀرتي ڪيا ويا، جلعي پائليٽن جي معاملي تي پي آءِ اي ۽ سول ايوي ايشن عملدارن جي خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڪيو.