اسلام آباد – 18 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عالمي هوائي سفر تي لاڳو وڏين بندشن جي باوجود اسان ٻاهرئين مل?? ڦاٿل پنهنجي شهرين ۽ ٻاهرئين ملڪ ڪم ڪندڙ پاڪستانين کي وطن واپس آڻڻ جو واعدو پورو ڪيو. پنهنجي ٽوئيٽ پ??غام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته مشڪلاتن جي باوجود سڄي دنيا مان 250000 پاڪستاني وطن واپس آندا ويا. هن ان ع??م جو اظهار ڪيو ته سندس حڪومت سمنڊ پار پاڪستانين ??ي هر ممڪن انداز ۾ ??دد جو سلسلو جاري رکندي.