اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عيدالاضحيٰ جي خوشي جي موقعي ت?? پوري قوم ۽ ملت اسلاميه کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته عيدالاضحيٰ جي موقعي تي ق??با??ي جو مقصد ان عزم جو ورجاءُ آهي ته حق جي راهه تي هلڻ ۽ استقامت اختيار ڪرڻ ۾ اسان کي جيڪي به مشڪلاتون پيش اچن ۽ جهڙي به ق??با??ي ڏيڻ?? پوي اسان ان کان نه ڪيٻائينداسين. عيدالاضحيٰ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته سڄي دنيا هن وقت انتهائي نازڪ صورتحال مان گذري رهي آهي. ڪوورنا وائرس جي وبا سڄي انسانيت جي لاءِ چئلينج بڻجي آئي آه??. م??هنجي پاڪستاني قوم کي اها درخواست آهي ته ق??با??ي جي عيد جي موقعي تي سموريون احتياطي تدبيرون اختيار ڪندي ق??با??ي جو واجب سرانجام ڏيندي غريب ۽ ضرورتمند طبقي کي به پاڻ سان شامل رک??. م??هنجي الله تعاليٰ کان دعا آهي ته هو ان وبا کي منهن ڏيندڙ سمورن ماڻهن جي حفاظت فرمائي ۽ انهن کي بهترين اجر عطا فرمائي ۽ اسان کي جلد کان جلد ان مان ڇوٽڪارو عطا فرمائي.