خصوصي يادگار ٽڪلي جاري ڪرڻ جو مقصد ڪشمير ۾ ظلمن ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين کان دنيا کي آگاهه ڪرڻ آهي: شبلي فراز

image
APP21-03 ISLAMABAD: August 03 - Federal Minister for Information and Broadcasting, Senator Shibli Faraz & Mr. Federal Minister for communications, Murad Saeed addressing the media persons on the occasion of unveiling the special postage stamp to mark Yaum-e-Istehsal of Kashmir on August 05. APP photo by Sadia Haidari

اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي حڪومت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي غاصباڻي قبضي ۽ گهيراءُ جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي خصوصي يادگار ٽڪلي جاري ڪري ڇڏي آهي، ان خصوصي يادگار ٽڪلي جاري ڪرڻ جو مقصد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري ڀارت جي انسانيت دشمن سرگرمين ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي مسلمانن تي ڪيل ظلمن ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين کان دنيا کي آگاهه ڪرڻ آهي. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ پوسٽل سروسز ۽ مواصلات وارو وفاقي وزير مراد سعيد پي آءِ ڊي ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيا هئا. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته پاڪستان پوسٽ پاران جاري ٿيندڙ يادگار ٽڪلي ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار جي پهرين ڪڙيءَ آهي، ان يادگار ٽڪلي جو مقصد دنيا کي اهو باور ڪرائڻ آهي ته ڪيئن ڀارت ڪشمير جي معصوم عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ جو راڄ قائم ڪيو آهي، ان جي هي عڪاسي ڪري ٿو، اها يادگار ٽڪلي سڄي دنيا ۾ ويندي ماڻهن کي احساس ٿيندو ته ڀارت ڪشميري عوام تي ڪهڙِ طرح ظلم ۽ ڏاڍ جو طوفان برپا ڪري رکيو آهي، وزيراعظم عمران خان جي گڏيل قومن جي تقرير سان شروع ٿيندڙ سفر ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ کي هڪ نئين روح ڦوڪي آهي، وزيراعظم عمران خان جهڙي طرح چيو ته هو ڪشمير جو سفير ۽ وڪيل بڻجي اهو ڪيس وڙهندو، اهو سفر اڃا جاري آهي. هن چيو ته 5 آگسٽ تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي ٿيل ڪشمير ۾ ٻيهر ظلم ۽ ڏاڍ جي انتها ڪري ڇڏي آهي.

مضمون کا ماخذ : como apostar na mega sena