اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪورنگ پارڪ ۾ ٻوٽو لڳائي ملڪ جي سڀ کان وڏي وڻڪاري مهم جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي ٽائيگر فورس جي رضاڪارن ۽ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. شهرين ۽ ٽائيگر فورس جي ميمبرن مختلف ٻوٽا لڳايا. حڪومت 9 آگسٽ تي سڄي ملڪ ۾ ٽائيگر فورس جو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو هو ?? 10 ??لين ٽري سونامي پروگرام تحت 10 لک کان وڌيڪ رضاڪارن سان گڏ ٻوٽا لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو. منصوبي ??حت خيبرپختونخواهه ۾ 20 لک، پنجاب ۾ 11 لک 90 هزار، سنڌ ۾ 3 لک، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 57 هزار، بلوچستان ۾ 15 هزار ۽ گلگت ۾ 11 هزار 500 ٻوٽا لڳائڻ جو هدف مق??ر ڪيو ويو.