اسلام آباد – 04 س??پٽمبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت چيو آهي ته 15 سيپٽمبر کان تعليمي ??دا??ا کولڻ جي حوالي سان تجويزن غور هيٺ آهن تنهن هوندي به ان حوالي سان حتمي فيصلو 7 سيپٽمبر تي بين الصوبائي تعليم وارن وزيرن جي ڪانفرنس ۾ ڪيو ويندو، ڪورونا وبا کان حالتون بهتر ٿيڻ جي صورت ۾ تعليمي ??دا??ا پراڻي شيڊول تي اچي ويندا، اسڪول کولڻ کانپوءِ ٽيچر ۽ هيڊ ٽيچر جو ڪردار اهم هوندو، لرننگ بهتر ڪرڻ جي لاءِ اسان وٽ بهتر تجويزون اچي رهيون آهن، ڪووڊ – 19 جي صورتحال پهرين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بهتر آهي، اها بيماري اڃان ختم ناهي ٿي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڃان به موجود آهي، ايس او پيز تي عملدرآمد جي ضرورت آهي، ڪلاسز جي سائز کي گهٽ ڪ??ڻ ضروري آهي، گهٽ قوت مدافعت وارن ٻارن کي پهرين مرحلي ۾ اسڪول نه موڪليو وڃ??، سماجي فاصلي، ماسڪ جو استعمال ۽ باقاعدگي سان هٿ ڌوتا وڃ??، تعليمي ??دا??ا کولڻ سان والدين ۽ استادن جي ذميداري وڌيڪ وڌي ويندي، اهڙن خيالن جو اظهارن تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود ۽ وزيراعظم جي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان اين سي او سي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.