اسلام آباد – 11 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي چيو آهي ته غربت جي خاتمي ۽ ترقي جي لاءِ سمورن شهرين کي صحت ۽ تعليم جي سهولتن جي فراهمي اهميت رکندڙ آهي. صدر اها ڳالهه احساس انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ جي حوالي سان پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چئي آهي. صدر ان ڏس ۾ وزيراعظم جي خاص معاون ڊا??ٽر ثانيه نشتر جي هڪ ٽوئيٽ جو حوالو پڻ ڏنو آهي جنهن ۾ احساس انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ جي لاءِ درخواستگذارن کي 30 آڪٽوبر تائين درخواستون ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. صدر چيو ته سمورا شاگرد ??يغام کي اڳتي وڌائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ته جيئن مستحق شاگرد ??قت سر اسڪالرسپ جي لاءِ درخواست ڏئي سگهن.