اسرائيل جي دفاع واري وزير پاران آمريڪا جو دورو ملتوي

image

واشنگٽن- 09 آڪٽوبر (اي پي پي) اسرائيل جي دفاع واري وزير يوايو گيلانٽ آمريڪا جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي . ميڊيا رپورٽن موجب پينٽاگون جي ڊپٽي پريس سيڪريٽري سبرينا سنگهه اعلان ڪيو آهي ته اسرائيل جو دفاع وارو وزير يوايو گيلانٽ جنهن کي اربع تي پينٽاگون جو دورو ڪرڻو هو اوچتو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته ان حوالي سان وڌيڪ تفصيل سامهون نه اچي سگهيا آهن. اسان کي صرف اهو ٻڌايو ويو آهي ته يوايو گيلانٽ پنهنجو آمريڪي دورو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي.

مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری انعامات