ميانوالي – 24 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم ??مر??ن خان چيو آهي ته هو چاهي ٿو ته پاڪستان هڪ آز??د قوم هجي، اسان هڪ اهڙو ملڪ چاهيون ٿا جتي ظلم ڪندڙ کي سزا ۽ محنت ڪندڙ کي ان جو ڦل ۽ صلو ملي، علم تي ٻڌل معيشت سان قومون ترقي ڪن ٿيون، ان ۾ ماڻهن تي سيڙپڪاري ڪرڻي هوندي آهي، هڪ ٻن شهرن کي ترقي ڏيڻ سان ملڪ ترقي نه ٿو ڪري، انشاءَ الله پاڪستان دنيا ۾ طاقتور قوم طور اڀرندو. ميانوالي ۾ عيسيٰ خيل ڪيڊٽ ڪاليج ۾ هاسٽل جي افتتاح ۽ ٻين ترقياتي منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اڄ مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي ته آئون عيسيٰ خيل جي ع??ائ??ي ۾ پنهنجي ماڻهن جي وچ ۾ موجود آهيان، وزيراعظم چيو ته 24 سال اڳ هن هي سڄو ع??ائ??و ڏٺو هو ۽ مون کي خبر آهي ته هن ع??ائ??ي ۾ ٻا??ڙي?? جي اسڪولن ۾ استاد نه آهن، اسپتالن ۾ ڊاڪٽر ۽ نرسز نه آهن، پيئڻ جي لاءِ صاف پ??ڻي هتان جي ماڻهن جو وڏو مسئلو هو، اڄ سوا ٽي ارب رپين جي ماليت سان جيڪي منصوبا شروع ڪيا ويا آهن ان سان ٻن يونين ڪائونسل کي ڇڏي باقي سمورين يونين ڪائونسلز ۾ پ??ڻي جو مسئلو حل ٿي ويندو.