اسلام آباد – 05 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي ??ي اسپيڪر اسد قيص?? چيو آهي ته پاڪستان بوسنيا سان پنهنجي پارلياماني لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو ۽ گڏيل پارلياماني رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي، پارلياماني رابطن جي ذريعي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪاروباري شعبن ۾ سگهه اچي سگهي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بوسنيا هرزيگوينا جي پريذيڊنسي جي چيئرمين ??فيق جعفر ووچ سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ ٻه طرفي لاڳاپن سميت مختلف گڏيل دلچسپي جي ٻين ??هم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.