لاهور – 12 فيبروري (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته عوام کي صحت جي معياري ۽ سستي سهولتن جي فراهمي ۽ سماجي تحفظ فراهم ڪرڻ موجوده حڪومت جي اولين ت??جيح آهي، هليٿ ڪارڊ جي ڪري نه رڳو عام ماڻهو کي صحت جي حوالي سان ت??فظ فراهم ٿيندو پر صحت جي نظام ۾ به انقلابي تبديلي رونما ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب صوبي ۾ يونيورسل هيلٿ انشورنس جي فراهمي جي حوالي سان اڳڀرائي تي جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ پنجاب جو وڏو وز??ر سردار عثمان بوزدار، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وز??ر مخدوم خسرو بختيار، وز??راعظم جو صلاحڪار شهزاد اڪبر، خاص ??ددگار ملڪ امين اسلم، پنجاب جو ناڻي وارو وز??ر مخدوم هاشم جوان بخت، پنجاب جي وڏي وز??ر جي خاص ??ددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پنجاب جي صوبائي ڪابينا پاران صوبي جي 100 سيڪڙو آبادي کي هن سال جي آخر تائين يونيورسل هيلٿ ڪوريج جي فراهمي جي منظوري کانپوءِ هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو، صحت سهولت پروگرام جي فزيبلٽِ، بجيٽ جي ڪاٿي ۽ مرحليوار عملدرآمد تي شرڪت ڪندڙن کي تفصيلي بريفنگ ڏيندي آگاهه ڪيو ويو ته ڊگهي مدي واري پلان ت??ت موجوده مالي سال جي پڄاڻي تائين ساهيوال ۽ ڊيره غازي خان ڊويزن جي 7 ضلعن ۾ هليٿ ڪارڊن جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي جڏهن ته ڊسمبر 2021ع تائين پنجاب جي 100 سيڪڙو آبادي کي يونيورسل هيلٿ انشورنس تحت هيلٿ ڪارڊ جي ذريعي علاج جون بهترين سهولتون ميسر هونديون.