اسلام آباد – 20 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ڊسڪا فائرنگ واقعي ۾ ڪارڪنن جي قيمتي جانين جي زيان تي انتهائي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اهو واقعو ثبوت آهي ته (ن) ليگ ڌوئونس، ڌانڌلي، تشدد ۽ غنده گردي جي سياست تي يقين رک?? ٿي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ??يگ?? جٿن پولنگ اسٽيشنن کي يرغمال بڻائي ووٽ جي عزت ??ي پائمال ڪيو. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف چونڊن ۾ شفافيت جڏهن ته مخالف ڌر خر??د ۽ وڪري ۽ پئسي جي سياست جو تسلسل چاهي ٿي.