اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) گلگت بلتستان کي عبوري صوبو ٺاهڻ جي حوالي سان وزيراعظم عمران خان پاران جوڙيل ڪميٽي جو پهريون اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس جي صدارت ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معامل?? واري و??اق?? وزير علي امين خان گنڊاپور ڪئي. اجلاس ۾ قانو?? وارو و??اق?? وزير فروغ نسيم، گلگت بلتستان جو وڏو وزير خالد خورشيد، ڪشمير معامل?? واري و??اق?? سيڪريٽري کانسواءِ پرڏيهي وزارت، دفاع واري وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي اهم عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي و??اق?? وزير چيو ته عبوري صوبي جي قيام جي حوالي سان گلگت بلتستان اسيمبلي جي متفقه قرارداد گلگت بلتستان جي عوام جي امنگن جي عڪاس آهي ۽ اسان جي حڪومت ا?? واعدي جي تڪميل کي يقيني بڻائي رهي آهي. اجلاس ۾ گلگت بلتستان کي عبوري صوبي جي حيثيت ڏيڻ جي حوالي سان مختلف ماڊلز تي به تفصيلي غور ڪيو وي?? ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو وي?? ته گلگت بلتستان کي عبوري صوبو ٺاهڻ جي حوالي سان قومي مفادن، عوام جي امنگن ۽ سياسي اتفاق راءِ کي يقيني بڻايو وي??دو.