اسلام آباد – 15 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڄ سکر جو دورو ڪندو جنهن ۾ اربين روپين جي م??گا ترقياتي م??صوبن جو اعلان ڪيو ويندو، وزيراعظم جي ترجيحي ضلعن ۾ بدين، لاڙڪاڻو، ٽنڊو الهيار سميت 14 ضلعا شامل آهن، وزيراعظم جي نو??وان پروگرام تحت هڪ هزار نو??وان 4.8 ارب جو قرض حاصل ڪري سگهندا،ڊجيٽل اسڪل ٽريننگ پروگرام تحت هڪ لک 4 هزار 617 شاگردن کي تربيت فراهم ڪئي ويندي جڏهن ته 52 سيڪڙو جي اعليٰ تعليم تائين پهچ ممڪن ٿيندي، هڪ لک 30 هزار نو??وانن سميت 35 هزار شاگردياڻين کي راندين جي سهولت دستياب ٿيندي.نادرا ، اين آر سيز وسيلي 50 لک مقامي ماڻهو لاڀ پرائيندا. تفصيلن موجب وزيراعظم عمران خان اڄ سکر ۾ دوري دوران سنڌ جي 14 ترجيحي ضلعن جي لاءِ 446 ارب جي م??گا ترقياتي م??صوبي جو اعلان ڪندو ان موقعي ??ي وزيراعظم سنڌ ۾ جاري وفاقي ترقياتي م??صوبن تي اڳڀرائي جو به جائزو وٺندو، ميگاترقياتي پيڪيج جو محور سنڌ جا پٺتي پيل علائقا ۽ معاشري جا محروم طبقا آهن.انهن ضلعن ۾ بدين، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، ٽنڊو الهيار، دادو، جيڪب آباد، خيرپور، ميرپورخاص، نو??هروفيروز، سانگهڙ، شڪارپور، سکر، ٽنڊو محمد خان، شامل آهن. ترقياتي م??صوبن تحت 306 ڪلوميٽر سکر – حيدرآباد موٽر وي مان سڄي م??ڪ جا مسافر لاڀ پرائي سگهندا. ريلوي اسٽيشنون اپ گريڊ ٿينديون، نجي سيڙپڪاري ايندي ۽ مسافرن کي سهولتون ملندي??ن. ??وانائي جي م??صوبن سان بجلي چوري ۽ خسارن ۾ گهٽتائي ايندي. 30 هزار ساليانا نو??ن ڪنيڪشن ڏنا ڏيندا ۽ ايندڙ ٽن سالن ۾ 26 ارب تائين جي اوڳاڙين ۾ اضافو ٿيندو. 1490 ڪلوميٽر انفرااسٽرڪچر جي بحالي سان گئس جي بنا رنڊڪ فراهمي م??ڪن ٿيندي.160 ڳوٺن کي گئس فراهم ڪئي ويندي، جنهن مان 5074 گهراڻا لاڀ پرائيندا.