اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ادارن جو احترام ضروري آهي، ادارن کانسواءِ نظام قائم ناهي رهندو، انهي لاءِ چئون ٿا ته سوچي ??الهايو ۽ ڳالهائڻ کان اڳ سئو ڀيرا توريو، ز??داري صاحب (ن) ليگ کي فوج ياد ڪرائي ڇڏي آهي. اها ڳالهه هن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چئي. اطلاعات و??ري وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مفتاح اسماعيل جي هڪ بيان جو حوالو ڏيندي چيو ته مفتاح اسماعيل چئي رهيو آهي ت?? رڪارڊ فوج جي نگراني ۾ رکيو وڃي، ز??داري صاحب (ن) ليگ کي فوج ياد ڪرائي ڇڏي آهي، انهي لاءِ چئون ٿا ته سوچي ??الهايو ۽ ڳالهائڻ کان اڳ سئو ڀيرا توريو، ادارن جو احترام ضروري ان لاءِ به آهي ته ادارن کانسواءِ نظام قائم ناهي رهندو ۽ ملڪن کي ادارن جي ضرورت هوندي آهي.