اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ?? حڪومت ع??ام?? سياسي پارٽين ۽ دانشور طبقي جو چونڊ عمل تي اعتماد وڌائڻ جي لاءِ چونڊ سڌاراجاتي پئڪيج تيار ڪيو آهي، اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ چاهيون ٿا، پيپلزپارٽي ?? مسلم ليگ (ن) ان بابت پنهنجو موقف واضح ڪن، چونڊ سڌارا پئڪيج جي لاءِ حڪومت وٽ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ اڪثريت آهي پر چاهيون ٿا ته مخالف ڌر کي به ان عمل ۾ شامل ڪريون، مخالف ڌر جي سڄي زندگي پرچين جي سياست تي گذري آهي، ملڪي مفاد ۾ مخالف ڌر پرچين جي سياست کان ٻاهر اچي ۽ چنڊ سڌارن ۾ پنهنجو حصو وجهي. هو پاڪ چائنا فرينڊشپ س??نٽر ۾ وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.