اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته تحريڪ پاڪستان کانپوءِ نظام بدلجڻ جي لاءِ سڀ ??ان وڏي جدوجهد هن وقت جاري ??هي، مافيا ان جي ناڪامي جي لاءِ ڪوششون ڪري ??هي آهي جڏهن ته اها جدوجهد اسان جي نسلن جي لاءِ اهم آهي، پاڪستان مشڪل دور مان نڪري چڪو آهي، هاڻي معاشي ترقي، دولت ۾ اضافي ۽ روزگار جي فراهمي جو وقت آهي، 1960ع جي ڏهاڪي وانگر سبز انقلا?? جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، مافيا حڪومت ٺاهڻ جي فوري پوءِ ئي حڪومت جي ناڪامي جو گوڙ شروع ڪري ڇڏيو هو. اهڙن خيالن جو اظهار هن لوڌران کان ملتان رستي جي اپ گريڊيشن ۽ بحالي جي منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري ??قريب کي خطاب ڪندي ڪيو.