اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته مستحڪم افغانستان جي ذريعي پوري خطي کي وچ ايشيا ۽ يورپ سان ملائڻ وزيراعظم عمران خان جو ويزن آهي، اسان معاشي بهتري لاءِ خطي ۾ امن ۽ استحڪام چاهيون ٿا، ??اڪ??تان ۽ افغانستان کي پنهنجي مفاد جو فيصلو پاڻ ڪرڻو پوندو، سپر پاورز پنهنجي گي?? کيڏي هليا ويندا آهن، نتيجا اسان کي ڀوڳڻا پوندا آهن، ??اڪ??تان ۽ افغانستان جا ماڻهو هڪٻئي سان تاريخي رشتن ۾ جڙيل آه??، اسان جا لاڳاپا لاهن چاڙهن جي باوجود مستحڪم آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??اڪ??تان افغان يوٿ فورم جي اهتمام هيٺ پاڪ افغان ميڊياڪانڪليو جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو، چوڌري فواد حسين چيو ته افغانستان ۽ ??اڪ??تان جا ماڻهو مذهبي، ثقافتي ۽ جاگرافيائي طور تي هڪٻئي سان تاريخي رشتن ۾ جڙيل آه??، افغانستان جا ماڻهو اسان جا پنهنجا ۽ هڪ ئي قبيلي جا ماڻهو آه??، انهن سان اسان جي ويجهڙائي آهي، اسان جي زبان ۽ ثقافت هڪجهڙي آهي، افغانستان سان اسان جي لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ به رهي ۽ محبت به، اسان جا لاڳاپا لاهن چاڙهن جي باوجود اڄ به مستحڪم آه??، اهو ئي اسان جي تاريخ جو حصو آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته تاريخ کڻي ڏسو ته ??اڪ??تان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جي ڪيفيت تاريخ جو جبر هو، هن چيو ته روس ۽ آمريڪا ڪابل تي قبضو ڪيو ۽ نتيجو اسان کي ڀوڳڻيو پيو، القاعده نيويارڪ ۾ ڪارروائي ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ افغانستان جي اندر صورتحال خراب ٿي، جڏهن افغانستان ۾ آمريڪا جي پاليسي ناڪام ٿي ته ان جا نتيجا افعانستان ۽ ??اڪ??تان ٻئي ڀوڳي رهيا آهن، وفاقي وزير چيو ته 1988ع ۾ جڏهن افغانستان ۾ بحران ختم ٿيو ته يو ايس ايس آر ۽ آمريڪا ته اتان کان هليا ويا پر سڄو بار ??اڪ??تان ۽ افغانستان جي ماڻهن کي برداشت ڪرڻو پيو. چوڌري فواد حسين چيو ته اسان افغانستان جي ماڻهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي اڳتي وڌياسين، ??اڪ??تان لکين افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي، ??اڪ??تان جي يونيورسٽين ۾ 6 هزار جي لڳ ڀڳ افغان شاگرد تعليم پرائي رهيا آه??، اڄ اهي ٻار پاڻ ٻڌائي رهيا آهن ته ??اڪ??تان کين موقعو فراهم ڪيو، هن وقت 30 لک کان وڌيڪ افغان پناهگير ??اڪ??تان ۾ موجود آهن، ماضي ۾ اسان تقريبن 50 لک کان وڌيڪ افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي جيڪو افغانستان جي آبادي جو هڪ وڏو حصو آهي، هن چيو ته ??اڪ??تان جو فرض هو ته هو ان جنگ ۾ افعان عوام جو ساٿ ڏي ۽ اسان اهو ئي ڪيو، وفاقي وزير چيو ته جيڪڏهن افغانستان جون حالتون خراب ٿين ٿيون ته ان سان پناهگيرن جو هڪ ٻيو بحران پيدا ٿيندو، هن چيو ته ميڊيا جي ذريعي افغانستان ۽ ??اڪ??تان جا ماڻهو پنهنجو موقف پيش ڪري سگهن ٿا ۽ ان جي ذريعي امن قائم ڪرڻ جي مقصد کي اڳتي وڌائي سگهجي ٿو. اسان افغانستان ۾ امن چاهيون ٿيو ان بابت اسان جو موقف واضح آهي، وفاقي وزير چيو ته مستحڪم افغانستان وسيلي پوري خطي کي وچ ايشيا ۽ يورپ سان ملائڻ وزيراعظم عمران جو ويزن آهي، اسان چاهيون ٿا ته افعانستان ۾ استحڪام اچي جنهن جي نتيجي ۾ اسان گوادر کان وٺي ازبڪستان تائين ريلوي ٽريڪ وڇائي سگهو ان سان وچ ايشيا کي گوادر ۽ ڪراچي جي بندرگاهن ۽ وچ ايشيا جي مارڪيٽن تائين پهچ حاصل ٿيندي، يورپي يونين ۽ سي پيڪ کي پاڻ ۾ ڳنڍي سگهبو جنهن جي نتيجي ۾ ??اڪ??تان هن خطي جو اقتصادي مرڪز بڻجي ويندو، هن چيو ته اسان ڀارت سان سٺا لاڳاپا چاهيون ٿا ۽ جيڪڏهن ڀارت سان اسان جا لاڳاپا بهتر ٿين ٿا ته اسان دنيا جي ٻن وڏين معيشتن جي وچ ۾ هونداسين، وفاقي وزير چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام سان واپار جي لا موقعا پيدا ٿيندا اهو هڪ وڏو ويزن آهي جنهن تي وزيراعظم ڪم ڪري رهيو آهي، وفاقي وزير چيو ته ??اڪ??تان ڪڏهن به نٿو چاهي ته افغانستان ۾ ويڙهه ٿئي ۽ بي گناهه ماڻهن جو حياتيون وڃن، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جو موقف آهي ته ملڪ ۾ سياسي استحڪام ۽ امن ٿيندو ته غربت جو به خاتمو ايندو، افغانستان ۾ ڪنهن به گروپ وٽ اها صلاحيت موجود نه آهي ته پوري ملڪ تي حڪمراني ڪري سگهي، ان لاءِ افغانستان ۾ وڏي پئماني ۽ جامع حڪومت جا خواهشمند آهيون تنهن هوندي به ان جي لاءِ افغان تڪرار جي سمورين ڌرين جي خلوص نيت سان ڪم ڪرڻو پوندو ڇو ته شرطن تي ڳالهين اڳتي نٿيون وڌي سگهن، هن چيو ته آمريڪا ۽ افغان حڪومت سان طالبان جي ڳالهين ۾ ??اڪ??تان پنهنجو ڪردار ادا ڪيو تنهن هوندي بها سان جو ڪردار محدود آهي، افغانستان جا مسئلا افغانستان جي عوام کي پاڻ حل ڪرڻ پوندا، وفاقي وزير فورم جي شرڪت ڪندڙن کي مخطاب ٿيندي چيو ته افغانستان ۾ مستحڪم حڪومت جي قيام 7 ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي بهتري جي لاءِ پنهنجون تجويزون ۽ راءِ ڏين، هن چيو ته ??اڪ??تان سميت دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ سئو سيڪڙو اتفاق راءِ ناهي هوندو، اسان جو مخالف ڌر سان اختلاف آهي پر اسان آئين تي متفق آهيون، پوري سياسي قيادت کي خبر آهي ته ان آئين تحت ئي هلڻو آهي، اهو هڪ اهڙو ماڊل آهي جنهن جي پيروي افغانستان ڪري سگهي ٿو پر اتفاق راءِ افغان عوام کي ڪرڻو آهي، چوڌري فواد حسين چيو ته افغانستان ۾ استحڪام بي شمار موقعن جو باعث بڻجي سگهي ٿو ۽ اسان انهي رخ ۾ ڪم ڪري رهيا آهيو??، اقتصادي استحڪام امن کانسواءِ ممڪن نه آهي، ان جي لاءِ جڏهن امن ٿيندو ته ان سان خطي ۾ غربت جي خاتمي ۾ مدد ملندي، وفاقي وزير چيو ته ٻن ڏينهن واري ميڊيا انڪليو ۾ اسان کي ڊراما، فلم ۽ موسيقي جي شعبن ۾ تعاون تي ڳالهه ڪرڻ گهرجي، خوشحال خان خٽڪ ??اڪ??تان جو شاعر آهي پر هو افغانستان جو قومي شاعر آهي، انهي طرح علامه اقبال کي افغانستان جي عوام ۾ تمام گهڻي مقبوليت حاصل آهي، چوڌري فواد حسين چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ آرٽ ۽ ثقافت جي شعبي ۾ مدد فراهم ڪرڻ لاءِ اطلاعات واري وزارت پوري طرح سان تيار آهي، اسان افغانستان کي فلم، ڊراما، خاص طور تي پشتو فلمن ۾ گڏيل پروڊڪشن جي مدد فراهم ڪري سگهون ٿا، انهي طرح ٻنهي ملڪن جي نوجوان شاعرن جي شاعري جا ترجما ٿيڻ گهرج??، ان کان اڳ وفاقي وزير ميڊيا ڪانڪليو ۾ شامل افغان وفد جي ميمبرن ۾ سوينئر ۽ تحفا به ورهايا، پاڪ افغان يوٿ فورم جي ڊائريڪٽر جنرل سمان جاويد پاڪ افغان ميڊيا ڪانڪليو ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير جي آجيان ڪئي.