اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) اطل??عا?? ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد 14 آگسٽ 2021ع تي پنهنجي حصي جو ٻوٽو پوکڻ کانپوءِ قو?? کي آزادي جي مبارڪباد ڏني. پنهنجي هڪ خصوصي وڊيو پيغام ۾ هن ماحوليات جي حوالي سان پاڪستان جي ڪاميابين جي فهرست پيش ڪئي. سينيٽر فيصل جاويد چيو ته وزيراعظم جي اپيل تي اسان سڀني اڄ پنهنجي حصي جو ٻوٽو لڳائڻو آهي، هن چيو ته ماحوليات جي تحفظ لاءِ پاڪستان ڪيتريون ئي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، سينيٽر فيصل جاويد و??يڪ چيو ته اسان خبرپختونخوا ۾ هڪ ارب کان و??يڪ ٻوٽا پوکيا آهن، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان هن ڀيري 10 ارب وڻن جي وڻڪاري جو هدف مقرر ڪيو آهي، هن چيو ته پاڪستان ماحوليات جي حوالي سان يو اين جا هدف مقرر مدي کان 10 سال اڳ ئي حاصل ڪري ورتا آهن، هن پاڪستاني قو?? کي اپيل ڪئي ته اسان سڀني کي اڄ پنهنجي حصي جو ٻوٽو پوکڻو آهي ۽ پنهنجي تصوير حڪوم?? پاڪستان کي موڪلڻي آهي.