اسلام آباد/ دوشنبي-25 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاه ??حم??د قريشي چيو آهي ته افغانستا?? ۾ ??من ۽ استحڪام پاڪستان ۽ تاجڪستان سميت پوري خطي لاءِ اقتصادي سهڪار وڌائڻ ۽ رابطن کي هٿي وٺائڻ جي حوالي سان برابر اهميت وارو آهي. اهڙو اظهار هن دوشنبي ۾ تاجڪستان جي صدر امام علي الرحمان سان م??اقات ۾ ڪيو. پرڏيهي آفيس مطابق شاه ??حم??د قريشي تاجڪستان جي صدر کي وزيراعظم عمران خان طرفان نيڪ خواهشن ??و پيغام ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان ۽ تاجڪستان و?? ۾ ??ونها تاريخي ڀائراڻا ناتا آهن جيڪي برابر مذهبي، تهذيبي ۽ ثقافتي بنيادن تي ٻڌل آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي اعليٰ قيادت انهن ٻه طرفن ناتن کي وڌيڪ سگهارو بڻائڻ ۽ مستحڪم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. پرڏيهي وزير تاجڪستان سان گڏيل دلچسپي جي ڊگهي مدي وارن شعبن ۾ ٻه طرفي ناتن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ تاجڪستان جي صدر کي افغانستان جي موجوده صورتحال جي حوالي سا?? پاڪستان جي نقطئه نظر کان آگاهه ڪيو. شاه ??حم??د قريشي چيو ته افغانستا?? ۾ ??من ۽ استحڪام پاڪستان ۽ تاجڪستان سميت سڄي خطي لاءِ وڏي اهميت وارو آهي. شاه ??حم??د قريشي گڏيل مقصدن کي ماڻڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. تاجڪستان جي صدر امام علي الرحمان چيو ته هو سيپٽمبر 2021ع تي دوشنبي ۾ منعقد ٿيندڙ شنگهائي سهڪار تنظيم جي اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان جي شرڪت جو منتظر آهي.