اسلام آباد ??? 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سينيئر صح??في رفيق آزاد جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مرحوم رفيق آزاد هڪ سچو ۽ بي باڪ صح??في هو، سندس لاڏاڻي سان پيدا ٿيل خال ڪڏهن به نه ڀرجندو. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته مرحوم رفيق آزاد جي صحافت جي شعبي ۾ اڻٿڪ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن دعا ڪ??ي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جڳهه ڏي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.