اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشري??ت واري مملڪتي وزير فرخ حبيب ??يو آهي ته پي ايم ڊي اي تي سڀني ا??ٽيڪ هولڊرن سان مشاورت کي اڳتي وڌائڻ لاءِ اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين جاويد لطيف سب ڪميٽي جوڙي، عين وقت تي سب ڪميٽي جي ا??لاس کي ملتوي ڪري مريم اورنگزيب سميت مخالف ڌر پارليامينٽ جي فورم کي پاڻ بي توقير ڪري رهي آهي. سومر ڏينهن مريم اورنگزيب جي بيان تي پنهنجي رد عمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب ??يو ته اها سب ڪميٽي مسلم ليگ ن جي مريم اورنگزيب جي سربراهي ۾ جوڙي وئي، سب ڪميٽي جو اڄ سومر تي پهريون اجلاس پاڻ گهرائي عين وقت تي ملتوي ڪيو ويو، پارليامينٽ کي مضبوط ڪرڻ جو سبق ڏيندڙن جو منافقاڻو رويو کلي سامهون اچي ويو آهي. هن چيو ته انهن لاءِ ميڊيا جي ڊولپمينٽ، فيڪ نيوز جي خاتمي ۽ روڪنگ جرنلسٽ ۽ ميڊيا ورڪرز جي نوڪرين جي تحفظ، وقت سر پگهارن جي ا??ائيگي لاءِ موثر قانونسازي ۾ ڪا دلچسپي نه آهي.