اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان سائنس فائونڊيشن اڄ هڪ اهڙي پروگرام جو آغاز ڪرڻ و??ي رهي آهي جيڪو منهنجي منظر ۾ گيم چينجر هوندو.
پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته 450 گورنمينٽ اسڪولن کي STEM (سائنس، ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ ۽ ميٿس) اسڪولن ۾ تبديل ڪرڻ جو ??نص??بو مون انهن لاءِ ڊزائين ڪيو ته جيستائين سرڪاري اسڪول ماڊرن نه ٿيندا ملڪ بدلجي نه سگهجندو،
اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مون کي تمام گهڻي خوشي آهي ته دير جي باوجو?? اهو ??نص??بو اڄ حقيقت بڻجڻ و??ي رهيو آهي. انشاءُ الله شروعاتي 450 اسڪولن کانپوءِ وڌ کان وڌ اسڪول ان ماڊل تي اچي ??يندا. يونيورسٽين کي چيو ويو آهي ته هو اسڪول ايڊاپٽ ڪن ۽ سائنس جي تعليم جو معيار اسڪول ليول تي بهتر ڪن.