اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته رياضي منطق جو بنياد آهي، استاد ۽ والدين سائنس ۽ رياضي جي مضمونن ۾ ٻارن جي دلچسپي پيدا ڪرڻ ل??ءِ انهن جي حوصلا افزائي ڪن، پاڪستان ۾ سائنس ۽ رياضي تي گهٽ ڌيان ڏنو پيو وڃي، ضروري آهي ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ ۽ رياضي جي شعبن ۾ خصوصي ڌيان ڏنو وڃي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ ۽ رياضي بابت تعليمي منصوبي (سٽيم) جي افتتاحي ??قر??ب کي خطاب ڪندي ڪيو.
??قر??ب ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت وارو وفاقي وزير شفقت محمود، خيبرپختونخوا جو صوبائي وزير شهرام ترڪئي، پاڪستان سائنس فائونڊيشن جو چيئرمين ڊاڪٽر شاهد بيگ، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جو سيڪريٽري ??اڪٽر اختر نذير ۽ ٻيون شخصيتون به شريڪ هيون. صدر چيو ته سٽيم ايجوڪيشن هڪ وقت سر قدم آهي جنهن سان سماج کي منظم ڪرڻ ۾ وڏي مدد ملندي، مختلف ملڪن جي تعليمي ميدان ۾ ترقي جو ذڪر ڪندي هن چيو ته چين جي ترقي جو هڪ سبب سائنس جا وڌ کان وڌ گريجوئيٽ آهن، ??تي گريجوئيٽس جو تعداد 8 ڪروڙ جڏهن ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي گريجوئيٽس جو تعداد 47 لک آهي، هن چيو ته ترقي ل??ءِ ضروري آهي ته سٽيم تعليم تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي، ماڻهن جي زندگي جو معيار بهتر بڻائڻ ل??ءِ تعليم جي شعبي خاص طور تي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي تعليم تي ڀرپور ڌيان ڏيڻو آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته جيڪڏهن اسان سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ رياضي جي شعبن ۾ ڌيان نه ڏنو ته اسان دنيا کان پوئتي رهجي وينداسين.
هن اسٽيم پراجيڪٽ جاري ??رڻ تي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز کي مبارڪباد ڏني، هن چيو ته وفاقي وزير شبلي فراز، ۽ وفاقي وزير شفقت محمود ملڪ ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي تعليم جي شعبي جي بهتري ل??ءِ بهترين ڪم ڪري رهيا آهن، ??سان کي معياري تعليم سان گڏوگڏ استادن جي تربيت جو بندوبست به ڪرڻو پوندو، صدر چيو ته تعليم جي ميدان ۾ ترقي جي نتيجي ۾ ٻيون قومون اڳتي نڪري ويون آهن، ??وام جي زندگي جو معيار بهتر بڻائڻ تعليم کانسو??ءِ ممڪن نه آهي، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته شاگرد کي سدائين هڪ استاد حوصلا افزائي ڪندو آهي، سٽيم منصوبي ۾ شامل مضمون منهنجي پسند جا آهن، ??يتوڻيڪ آئون ڊاڪٽر بڻجي ويو آهيان پر آئون رياضي جو هڪ انتهائي لائق شاگرد هئس. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ان پروگرام تحت 50 سرڪاري هائير سيڪنڊري اسڪولن ۾ پائليٽ پراجيڪٽ شروع ڪندي، ميٽرڪ ۽ ايف ايس سي جي شاگردن ل??ءِ سٽيم جي ميدان ۾ ٽريننگ جي سهولت فراهم ڪئي ويندي، سٽيم ڪلاسز ۾ شاگردن جي چونڊ انهن جي صلاحيتن ۽ قابليت جي بنياد تي ڪئي ويندي، پروگرام تحت سٽيم تعليم ڏيڻ ل??ءِ شاگردن ل??ءِ ٽريننگ ماڊيولز تيار ڪيا ويندا،منصبوبي تي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير سميت پوري پاڪستان ۾ عمل ڪيو ويندو. ??قر??ب ۾ چونڊ تعليمي ادارن ۽ ڪيڊٽ ڪاليجز جا سربراهه به شريڪ هيا.