اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان غريب ط??قي جي لاءِ ٽارگيٽيڊ سبسڊي پروگرام ک?? جلد شروع ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته حڪومت کي عام ماڻهو تي مهانگائي جي اثرن جو احساس آهي، صحت ڪارڊ، آبادگار ڪارڊ ۽ احساس پروگرام جي د??ئر?? کي وڌايو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ پي ٽي آءِ ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??زي??اعظم عمران خان هدايت ڪئي ته غريب ط??قي جي لاءِ ٽارگيٽيڊ سبسڊي جو وڏو پروگرام جلد شروع ڪيو وڃي. هن چيو ته حڪومت کي غريب ط??قي تي مهانگائي جي اثرن جو احساس آهي ۽ انهي لاءِ حڪومت صحت ڪارد، آبادگار ڪارڊ ۽ احساس پروگرام جي د??ئر?? کي وڌائي رهي آهي. اجلاس ۾ سنڌ ۾ اٽي جي وڌندڙ قيمت تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. ان کان اڳ غربت جي خاتمي واري خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر ??زي??اعظم عمران خان کي احساس ٽارگيٽيڊ سبسڊي پروگرام تي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زي?? چوڌري فواد حسين، پنجاب جي ناڻي واري ??زي?? مخدوم هاشم جوان بخت، خيبرپختونخواهه جي ناڻي واري ??زي?? تيمور سليم جهڳڙا، نيشنل بئنڪ جي صدر عارف عثماني، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي چيف سيڪريٽري ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته ناڻي وارو صلاحڪار شوڪت ترين وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيو. ??زي??اعظم کي ٻڌايو ويو ته ٽارگيٽيڊ سبسڊي پروگرام وفاق ۽ صوبائي حڪومتن جي گڏيل مالي معاونت سان شروع ڪيو ويندو جنهن تي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه اڳ ۾ ئي دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. سنڌ ۽ بلوچستان سان ڳالهه ٻولهه ڪئي پئي وڃي ته اهي به ان ۾ شامل ٿين. ڊاڪٽر ثانيه نشتر ??زي??اعظم کي ٽارگيٽيڊ سبسڊي پروگرام جي تيارين تي تفصيلي بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته پٺتي پيل طبقي کي مهانگائي کان بچائڻ جي لاءِ احساس ٽارگيٽيڊ سبسڊي پروگرام هلندڙ سال جلد جاري ٿيندو، پروگرام جي لاءِ احساس ۽ نيشنل بئنڪ جي حصيداري سان موبائيل پوائنٽ آف سيل نظام تيار ڪيو آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته احساس جي اهل خاندانن کي ان پروگرام ذريعي مخصوص شين تي ڪرياني اسٽور تان خريداري تي رعايت ملندي.