اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوامي مسئلن جي حل باب?? غلط بياني ڪندڙ آفيسرن جي خلاف فوري ڪارروائي ڪئي ويندي، سٽيزن پورٽل تي عوامي شڪايتن کي پاڻ مانيٽر ڪندو آهيان، شهرين جي شڪايتن جي حل تي غلط بياني ڪندڙ آفيسرن سان رعايت نه ڪئي ويندي. پي ايم ڊي يو جي رپورٽ کانپوءِ وزيراعظم صوبن جي چيف سيڪريٽرين ۽ آءِ جيز کي هدايت ??ندي چيو ته عوامي مسئلن جي حل ۾ ڪوتاهي بلڪل برداشت نه ڪئي ويندي. سٽيزن پورٽل تي عوامي مسئلن جي حل ۾ سرڪاري آفيسرن جي جعلسازي جي انڪشاف ۽ آفيسرن جي خلاف ڪاررواين جي رپورٽ وزيراعظم کي پيش ڪئي وئي. پي ايم ڊي يو 254 سرڪاري افيسرن جي ڊي?? بورڊز تي جعلسازي تي رپورٽ تيار ڪئي. وزيراعظم عمران خان کي پيش ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته عوامي شڪايتن تي ڪارروائي باب?? غلط بياني تي سرڪاري آفيسرن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وئي. رپورٽ موجب پنجاب جي 154، خيبرپختونخواهه جي 86، سنڌ جي 3 ۽ و??اق جي 11 آفيسرن جي ڊي?? بورڊز جي جاچ ڪئي وئي. جاچ ۾ پنجاب جا 44 سرڪاري اهلڪار جعلسازي ۾ ملوث قرار ڏنا ويا. رپورٽ ۾ چيف سيڪريٽري خيبرپختونخواهه 39 سرڪاري اهلڪارن جي خلاف ڪارروائي جڏهن ته جعلسازي ثابت ٿيندڙ سرڪاري ملازم معطل ڪيا ويا. آءِ جي پنجاب جي جاچ کانپوءِ 45 سرڪاري اهلڪارن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وئي جڏهن ته آءِ جي خيبرپختونخواهه جي 10 اهلڪارن ۽ آءِ جي سنڌ جي 3 سرڪاري اهلڪارن جي خلاف ڪارروائي ٿي.