اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عالمي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ پنهنجو ڪاروبار قائم ڪرڻ جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته پاڪستاني نوجوانن ۾ بي ??ناهه صلاحيتون موجود آهن، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام ڪمپنيون پاڪستاني نوجوانن جي تربيت سان گڏوگڏ ٽيڪنالاجي جي منتقلي به ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملٽي نيشنل ٽيلي ڪميونيڪيشن سروسز ڪمپني (وي آن) جي گروپ چيف ايگزيڪيٽو آفيسر ڪان ترزيوگلو سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پاڪستان جا نوج??ان انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيليڪام ڪي مشهور عالمي ڪمپنين مان وڏو فائدو ک??ي سگهن ٿا. پاڪستاني نوجوانن ۾ بي ??ناهه صلاحيتون موجود آهن ۽ اسان پاڪستان ۾ ڪاروبار قائم ڪرڻ لاءِ عالمي ڪمپنين کي خوش آمديد چئون ٿا. وزيراعظم ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ نوجوانن جي تربيت تي زور ڏنو. وي آن جي سي اي او بگ ڊيٽا سلوشنز جي حوالي سان پنهنجي دلچسپي جو اظهار ڪيو. ناڻي واري صلاحڪار شوڪت فياض ترين، چيئر??ين پي ٽي اي ميجر جنرل (ر) عامر عظيم باجوه، جاز جي سي اي او عامر ابراهيم به ملاقات ۾ موجود هئا.