اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان منافع خوري ۽ ذخيرو اندوزي ۾ ملوث عنصرن کي عوام دشمن قرار ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته اهڙن عنصرن جي خلاف سخت ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي، مافياز سان گڏجي ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪندڙن ۽ ذخيرو ڪندڙن جي خلاف ڪريڪ ڊائون ۽ قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي، ملڪ ۾ ضروري شين جي ڪا به کوٽ نه آهي، هن اها ڳالهه ڪڻڪ ۽ ڀاڻ جي ذخيري جو جائزو وٺڻ لا??ِ اعليٰ سطحي اجلاس جي دوران چئي. اجلاس کي بريفنگ ڏني وئي ته ربيع جي فصل لا??ِ 6.6 ملين ميٽرڪ ٽن سرڪاري ڪڻڪ ۽ ڀاڻ جو مناسب ذخيرو دستياب آهي جيڪو ملڪ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لا??ِ موزون آهي، سنڌ مان مليل انگن اکرن موجب فرٽيلائيزر ڪمپنيون هتي ڪجهه ڊيرلن کي اضافي اسٽ??ڪ ڏئي رهيون آهن، ??زيراعظم چيو ته حڪومت فرٽيلائيزر انڊسٽري کي گئس تي 120 ارب روپين جي سبسڊي ڏئي رهي آهي جڏهن ته کين 100 ارب روپين جون ٽيڪ?? مراعتون ڏنيون پيون وڃن، ??رٽيلائيزر ڪمپنين پاران مختلف علائقن ۾ مخصوص ڊيلرن کي اضافي فرٽيلائيزر فراهم ڪئي پئي وڃي، اهي اطلاع آهن ته هتي ذخيرو اندوزي ٿي رهي آهي، اهو فرق ذخيرو اندوزي کي فائدو ڏئي رهيو آهي جنهن جي ڪري هٿرادو کوٽ پيدا ٿي رهي آهي. وزيراعظم ان تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي ته ڀاڻ ذخيرو ڪندڙن جي خلاف فوري ڪريڪ ڊائون ۽ قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ته کنڊ جي شعبي لا??ِ متعارف ڪرايل ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم کي ڀاڻ جي صنعت لا??ِ به استعمال ڪيو وڃي. جيڪڏهن سنڌ حڪومت عوام دشمن ڏوهارين جي خلاف موثر قدم نه کنيا ته وفاقي حڪومت مداخلت ڪري سگهي ٿي، چو ته سنڌ حڪومت پاران ڪارروائي نه ڪرڻ سان سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڀاڻ جون قيمتون ۽ فراهمي بري طرح متاثر ٿي رهي آهي، وزيراعظم چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آبادگار دوست پاليسيون متعارف ڪرايون آهن، ??افيا صارفين جي مفاد جو خيال رکڻ بدران منافع خوري ۾ مصروف آهي.