اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان افغانستان ۾ انساني صورتحال بابت اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جو غيرمعمولي اجلاس گهرائڻ جي سعودي عرب جي قدم کي ساراهيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته دنيا افغانستان کي اڪيلو ڇڏڻ جي غلطي ن?? ورجائيندي، هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها افغانستان جي ڪمزور عوام جي مدد ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فر??ان السعود سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزير??عظ?? عمران خان خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز السعود ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. افغان عوام جي مشڪلاتن جي خاتمي جي حوالي سان وزير??عظ?? چيو ته پا??ست??ن افغان عوام جي انساني بنيادن تي مدد جي لاءِ پا??ست??ن مان ڪم ڪندڙ تنظيمن کي سهولت فر??هم ڪئي. افغانستان جي عوام جي ڀلائي لاءِ پا??ست??ن جي عزم کي ورجائيندي هن چيو ته پا??ست??ن انساني بنيادن تي فوري ريليف جي لاءِ 5 ارب رپين جي امداد ڏني آهي جيڪا 50 هزار ملين ٽن ڪڻڪ، هنگامي طبي سهولتن، سرديءَ کان بچڻ جي لاءِ شيلٽرز ۽ ٻين شين سميت کاڌي پيتي جي شين تي ٻڌل آهي. پا??ست??ن ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي حوالي سان وزير??عظ?? انهن لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو جيڪي ويجهي دوستاڻن لاڳاپن، تاريخي رابطن ۽ هيٺئين سطح تي تعاون تي ٻڌل آهن. آڪٽوبر 2021ع ۾ پنهنجي سعودي عرب جي دوري جو حوالو ڏيندي وزير??عظ?? ان دوري دوران ڪيل فيصلن تي عملدرآمد کي اجاگر ڪيو ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ تعاون جا نوان موقعا ڳولڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي ميزباني ڪرڻ تي وزير??عظ?? عمران خان جا ٿورا مڃيندي سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فر??ان السعود اميد ظاهر ڪئي ته هي اجلاس افغان عوام جي انساني بنيادن تي امداد جي لاءِ عالمي برادري کي متحرڪ ڪرڻ جو ذريعو بڻجندو. هن چيو ته سعودي عرب پا??ست??ن سان مضبوط لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو جيڪي ڀائيچاري تي ٻڌل آهن، پا??ست??ن ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ويجها ۽ گڏيل دوستاڻا لاڳاپا آهن، سعودي عرب ڄمون ۽ ڪشمير بابت او آءِ سي رابطا گروپ جو پڻ ميمبر آهي ۽ ڪشمير ڪاز جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو.