اسلام آباد – 29 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت، پن??اب حڪومت ۽ اسٽيٽ لائيف انشورنس جي وچ ۾ پن??اب ۽ اسلام آباد ۾ صحت سهولت پروگرام جي يونيورسل هيلٿ ڪوريج تي عملدرآمد جي لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان هڪ سادي تقريب ۾ وفاقي حڪومت، پن??اب حڪومت ۽ اسٽيٽ لائيف انشورنس جي وچ ۾ پن??اب ۽ اسلام آباد ۾ صحت سهولت پروگرام جي يونيورسل هيلٿ ڪوريج تي عملدرآمد جي لاءِ صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ وزيراعظم جو صحت وارو خاص مع??ون ڊاڪٽر فيصل سلطان، پن??اب جي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد ۽ اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا. مفاهمت جي ياداشت تي نيشنل هيلٿ سروسز ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري سيڪريٽري عامر اشرف خواجه، پن??اب هيلٿ انيشيٽوز مئنيجمينٽ ڪمپني جي سي اي او علي رزاق ۽ اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن آف پاڪستان جي چيئرمين شعيب جاويد حسين صحيحون ڪيون. وزيراعظم عمران خان 13 ڊسمبر 2021ع تي لاهور ۾ پن??اب جي سمورن شهرين جي لاءِ صحت سهولت پروگرام جو اعلان ڪيو هو. سوشل هيلٿ پروٽيڪشن جي ان قدم جي ذريعي غريب خاندانن کي سڄي ملڪ ۾ مخصوص اسپتالن کان هر سال 10 لک رپيا في خاندان علاج جي لاءِ مفت هيلٿ انشورنس فراهم ڪئي ويندي. صحت ڪارڊ جي ذريعي اوپن هارٽ سرجري، اسٽنٽس لڳرائن، ڪينسر، نيورو سرجري، برين مئنيجمينٽ، حادثن، ڊائيلاسز، انتهائي نگهداشت، ڊليوري، سي سيڪشن ۽ گڙدي جي پيوندڪاري سان گڏ ٻئي طبي سرجيڪل علاج جي سهولت حاصل هوندي. سڄي ملڪ ۾ فهرست ۾ شامل ڪنهن به اسپتال مان مفت علاج جي لاءِ بين الصوبائي ۽ بين الاضلاعي جي سطح تي سهولت حاصل هوندي.