پشاور – 02 جنوري (اي پي پي) ضلعي ڪرڪ جي علائقي ٽيري ۾ هندوئن جي مقدس جڳهه شري پرم هنس مهاراج جي سماڌي تي پنهنجي مذهبي رسمن جي ادائيگي جي لاءِ سوين هندو ياترين جي آمد ٿي. مذهبي رسمن جي ادائيگي جي لاءِ ايندڙ 215 ياترين مان 173 غيرملڪي ماڻهو جن ۾ پا??يسري ملڪ ڀارت جا 159 شهري، باقي غيرملڪي ۽ پا??ستان جي ٻين علائقن سان تعلق ??کن??ڙ هندو شامل هئا. هندو برادري جو قافلو پنهنجي مذهبي رسمن جي ادائيگي لاءِ واهگه بارڊر تان پا??ستان ۽ اتان هوائي سفر ذريعي پشاور پهتو هو. جيڪو بعد ۾ اتان روانو ٿي سخت سيڪيورٽي ۾ ضلعي ڪرڪ جي ٽيري سماڌي پهتو جتي ه??دو برادري جي مذهبي رسمن جي موقعي تي ڪرڪ پوليس پاران سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪيا ويا. ڊي پي او ڪرڪ شفيع الله خا?? گنڊاپور سيڪيورٽي صورتحال جو پا?? جائزو وٺي رهيو هو جڏهن ته ٽيري سماڌي تي ايس پي انويسٽيگيشن ظاهر شاهه خا?? سموري صورتحال جي نگراني ڪري رهيو هو. ڀارت مان آيل هندوئن سميت غيرملڪي ياترين سيڪيورٽي انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ پا??ستان حڪومت جا ٿورا مڃيندي سيڪيورٽي انتظامن کي خوش آئنده قرار ڏنو. ان موقعي تي ه??دو ياترين پوليس جي سيڪيورٽي انتظامن کي ڏسندي انتهائي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته اسان کي ايترو پروٽوڪول ڏنو ويو آهي جنهن تي پا??ستان حڪومت ۽ ڪرڪ پوليس جا سچي دل سان ٿورائتا آهيون جڏهن ته ان موقعي تي ه??دو ڪائونسل پا??ستان جي ايم اين اي رميش ڪمار پوليس جي سيڪيورٽي انتظامن کي ساراهيندي چيو ته ڪرڪ پوليس پنهنجي پوري ذميواري ۽ ايمانداري سان ڊيوٽي ادا ڪئي آهي. جنهن سان اسان سڀني کي انتهائي خوشي محسوس ٿي آهي، جن اسان جي مذهبي رسمن جي ادائيگي دوران پرامن ماحول فراهم ڪيو. هن چيو ته ٽيري سماڌي تي ياترين جي اچڻ سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي ۽ اعتماد جو هڪ نئون باب کلڻ وارو آهي. جيڪو ٻنهي پا??يسري ملڪن جي لاءِ خوش آئنده آهي.