ملتان – 07 جن??ري (اي پي پي) پرڏيهي ??زير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪ افغان سرحد خاردار تار لڳائڻ تي ڪيتريون ئي مشڪلاتون پيش آيون، شهادتون به ٿيون پر اها خاردار تار ٻنهي ??لڪن جي مفاد ۾ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزي??اع??م جي خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب دوران ڪيو. پرڏيهي ??زير چيو ته وڏي عرصي کانپوءِ افغانستان جي معاملي تي مسلمان امت کي گڏ ڪيو جن??ن جو مقصد افغان عوام کي تحفظ فراهم ڪرڻ آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيڪو به حڪومت جي خلاف تحريڪ هلائڻ چاهي ??و شوق سان هلائي اسان کي ڪو به خطرو نه آهي. پرڏيهي ??زير چيو ته ملتان ۾ ترقياتي منصوبن کي جلد پچاڻي تائين پهچايو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته صحت ڪارڊ سان عوام کي طبي سهولتون بنا فرق جي فراهم ڪيون وينديون.