اسلام آباد – 08 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چ??و آهي ته مولانا فضل الرحمان جي س??نيٽر ڪامران مرتضيٰ سينيٽ ۾ رٿ جمع ڪرائي آهي ته وزيراعظم جي طرفان يورپي ملڪن جي خلاف سخت بيان ڏيڻ جي معاملي کي ايوان ۾ بحث هيٺ آندو وڃي. وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ سينيٽر ڪامران مرتضيٰ پاران ايوان ۾ جمع ڪرايل ريڪوزيشن به شيئر ڪئي آهي، و??اقي وزير چيو ته اندازو لڳايو انهن پارٽين جي س??چ ۽ حيثيت ??هڙي آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته ايترا ننڍڙا ماڻهو پاڪستان ۾ وڏا ليڊر بڻيل آهن جو ڏک ٿيندو آهي.