اسل??م آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عالمي سطح تي وڌندڙ قيمتن جي اثرن کي عام ماڻهو تائين پهچڻ کان روڪڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومت ڪورونا وبا دوران پيدا ٿيندڙ مهانگائي جي عالمي بحران ۾ عوامي ريليف کي يقيني بڻايو. هن اهڙن خيالن جو اظهار ملڪي اق??صادي ص??رت??ال ۽ عالمي سطح تي ضرورت جي شين جي وڌندڙ قيمتن بابت اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي تازي رو?? جي دوري ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن تي اڳڀرائي تي تفصيلي غور فڪر ڪيو ويو، اجلاس م وفاقي وزيرن شوڪت فياض ترين، چوڌري فواد حسين، اسد عمر، مخدوم خسرو بختيار، حماد اظهر ۽ خاص معاون ثانيه نشتر شرڪت ڪئي. وزيراعظ?? چيو ته اسرندڙ ملڪ عالمي سطح تي وڌندڙ قيمتن سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن. حڪومت ڪورونا جي دوران پيدا ٿيندڙ مهانگائي جي عالمي بحران ۾ عوامي ريليف کي اولين ترجيح ڏني. وزيراعظ?? چيو ته عالمي سطح تي وڌندڙ قيمتن جي اثرن کي عام ماڻهو تائين پهچڻ کان روڪڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. اجلاس کي ملڪي مجموعي اق??صادي ص??رت??ال تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته تازي ڇڪتاڻ جي ص??رت??ال جي ڪري عالمي سطح تي تيل جون قيمتون 100 ڊالر في بيرل کان وڌي ويون آهن جڏهن ته گئس جي قيمتن ۾ پڻ ٽي کان پنجوڻ تي اضافو ٿيو آهي. ان سان گڏوگڏ کاڌي پيتي جي شين خاص طور تي پ??م آئل (کاڄرو تيل) جي قيمتن ۾ پڻ اضافو ٿيو آهي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي احساس پروگرام جي مختلف اسڪيمن ۽ عوامي ريليف جي لاءِ انهن ۾ وڌيڪ بهتري جي لاءِ قدمن کان پڻ آگاهه ڪيو ويو.