ڪوئيٽا – 23 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسا?? کي ماضي جي غلطين مان سبق سکڻو آهي، بلوچستان جي وسيلن تي پهريون حق بلوچستان جي عوام جو آهي، صوبي ۾ پاڻي جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو، سمورن صوبن ۾ ترقي جي رفتار هڪ جهڙي هجڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلوچستان سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ مي??بر?? سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير احسن اقبال، مولانا اسعد محمود، مولانا واسع، نوابزاده شاهه زين بگٽي، اسرار ترين، بلوچستان جو وقتي گورنر جان محمد جمالي، بلوچستان جو وڏو وزير مير عبدالقدوس بزنجو، صوبائي وزير ۽ صوبائي اسيمبلي مي??بر?? جو وڏو انگ موجود هو. وزيراعظم چيو ته پنهنجي واعدي موجب حڪومت ٺهڻ جي ٻن هفتن دوران ئي توهان جي خدمت حاضر ٿيو آهيا??، الله تعاليٰ بلوچستا?? کي بي حساب قدرتي وسيلن سان نوازيو آهي. هن چيو ته اسا?? کي ماضي جي غلطين مان سکڻو آهي، بلوچستان جي وسيلن تي پهريون حق بلوچستان جي عوام جو آهي، جڏهن پنجاب ۾ اسان جي حڪومت هئي ته اسان اين ايف سي ۾ بلوچستان جي لاءِ 11 ارب پنجاب جي حصي مان ڏنا. هن چيو ته هڪ ملڪ هڪ ڪٽنب وانگر هوندو آهي، سمورن صوبن ۾ ترقي جي رفتار هڪ جهڙي هجڻ گهرجي، تاريخ گواهه آهي، بلوچستان جي ماڻهن جون ملڪ جي لاءِ عظيم قربانيون آهن. هن چيو ته بلوچستان جي پاڻي جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو، الله تعاليٰ اسا?? کي هي ملڪ محنت ڪرڻ جي لاءِ ڏنو آهي. وزيراعظم چيو ته بلوچستان جي ترقي جي لاءِ مو?? کي توهان سڀني جو تعاون به گهربل آهي، اسان سڀني کي گڏجي بلوچستان جي ترقي يقيني بڻائڻي آهي.