اسلام ??باد – 15 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب اتر وزيرستان جي علائقي ميرانشاهه ۾ خودڪش ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته شر??سن?? عنصر امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ چ??هي?? ٿا، اهڙي بزدلاڻي ڪاررواين سان اسان جا حوصلا ڪمزور نه ٿيندا. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته ملڪ ۾ امن امان جي بحالي لاءِ سيڪيورٽي اهلڪارن جون قربانيون رائيگان نه وينديون. اطلاعات واري وفاقي وزير ڌماڪي ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ ٻارن جي شهادت تي پونئيرن سان تعزيت ??و اظهار ڪيو ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي.