ڪراچي -14 آگسٽ (??ي پي پي) سنڌ جي بلديات واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي، ته ??قرير جو هڪ هڪ لفظ ڏيکارڻ باوجود عمران خان هر تقرير ۾ چينلن کي ويڪائو چوندو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ صوبائي وزير چيو آهي، ته مان حيران آهيان ته هر چينل فتني خان جي تقرير جو هڪ هڪ لفظ ڏيکاريندو آهي، ان باوجود هي شخص انهن چينلن خلاف هر تقرير ۾ ڳالهائيندو آهي ?? کين ويڪائو چوندو آهي، لفافن وٺڻ وارو چوندو آهي، پر ڪو به چين?? ان تي اعتراض ناهي ڪندو.