قمبر شهدادڪوٽ – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ٻوڏ مت??ثرين جي لاءِ امداد جي رقم 28 ارب مان وڌائي 70 ارب رپيا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، هر مت??ثر خاندان تائين شفاف طريقي سان امداد پهچندي، ٻوڏ سبب فصل تباهه ٿيا، ماڻهو بي گهر ٿيا، عالمي برادري پاران امداد تي ٿورا مڃون ٿا، هي وقت سياست جو نه ٻوڏ مت??ثرين جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. قمبر شهدادڪوٽ ۾ ٻوڏ مت??ثرين جي لاءِ قائم ڪيل امدادي ڪئمپ جي دوري جي موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ٻوڏ مت??ثر علائقي جو فضائي جائزو ورتو آهي، هر طرف پاڻي ئي پاڻي آهي، ٻوڏ سبب تمام گهڻي تباهي ٿي آهي. سنڌ حڪومت مت??ثرين جي مدد جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون گڏجي مت??ثرين جي مدد جي لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏينديون. وزيراعظم چيو ته حڪومت ٻوڏ کان مت??ثر خاندانن کي 25 هزار رپين جي امداد جو سلسلو بلوچستان کان شروع ڪيو. سمورن مت??ثر علائقن ۾ امداد جي لاءِ 28 ارب رپيا رکيا ويا هئا پر ٻوڏ کان مت??ثر ٿيندڙ خاندانن جو انگ تمام وڌيڪ آهي، ان لاءِ وفاقي حڪومت اها رقم 70 ارب رپين تائين وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. شفاف طريقي سان اها امدادي رقم بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ذريعي ورهائي ويندي. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ سان ڪپهه، چانور ۽ کجور سميت مختلف فصلن جو تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي. سنڌ ٻوڏ کان تمام گهڻي مت??ثر ٿي آهي. يو اي اي، قطر، ترڪيءَ، سعودي عرب، چين، آمريڪا، ايران سميت سمورن دوست ملڪن جا ٿورا مڃون ٿا جن پاڪستان جي هن مشل گهڙيءَ ۾ تمام گهڻي مدد ڪئي آهي. هر ڏينهن مختلف ملڪن جا جهاز امدادي سامان کڻي پهچي رهيا آهن. ترڪيءَ پاران امدادي سامان سان ڀريل 4 ٽرينون روانو ڪيون ويون آهن. پرنس ڪريم آغا خان جي پٽ پڻ 10 ملين ڊالر جي امداد جو اعلان ڪيو آهي. چين به امدادي رقم وڌائي ڇڏي آهي. وزيراعظم چيو ته مت??ثر علائقن ۾ ريل??ف ۽ بحالي جي سرگرمين جي لاءِ پاڪ فوج ڀرپور مدد ڪري رهي آهي. هن مشڪل گهڙيءَ ۾ سياست نه ڪرڻ گهرجي سڀني کي گڏجي مت??ثرين جي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو. ان کان اڳ وزيراعظم ٻوڏ مت??ثرين ۾ امدادي چيڪ ورهايا. وزيراعظم کي قمبر شهدادڪوٽ ۾ ٻوڏ سب?? ٿيندڙ نقصانن ۽ ريل??ف ۽ بحالي جي سرگرمين بابت بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته منڇر ڍنڍ جو ليول تمام گهڻو وڌي ويو آهي. مناسب جاين تي بند ٽوڙي پاڻي جي مقدار کي گهٽ ڪيو ويو آهي. علائقي ۾ پاڻي ڪڍڻ جي لاءِ وفاقي حڪومت جي مدد جي ضرورت آهي. ٻوڏ سبب فصلن جو تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي جڏهن ته ڪچا گهر ڊهي پيا آهن. پاڻي بيٺل هجڻ سبب وبائي مرض پکڙجي رهيا آهن. ڪيترن علائقن جو زميني رابطو ڪٽجي وڃڻ جي ڪري امدادي سرگرمين ۾ مشڪلاتون درپيش آهن. مت??ثرين تائين پڪل کاڌو پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ٻوڏ سان 7 تعلقا ۽ 9 کان 13 لک ماڻهو تمام گهڻا مت??ثر ٿيا آهن. وزيراعظم کي مت??ثر علائقي جي فضائي معائني دوران سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ??رڏ??هي وزير بلاول ڀٽو زرداري ٻوڏ سب?? ٿيندڙ تباهين ۽ مت??ثر علائقن ۾ جاري امدادي سرگرمين بابت بريفنگ ڏني.