نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار پرامن طور حل ڪيو وڃي، ٻوڏ جي تباهين کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ ناروي جي امداد کي ساراهيون ٿا. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي پنهنجي نارويجن هم منصب اينيڪن هيوئٽ فيلڊ سان ملاقات دوران هن پاڪستان ۽ يورپين فري ٽريڊ ايسوسيئيشن (اي ايف ٽي اي) جي وچ ۾ آزاداڻي واپاري معاهدي (ايف ٽي اي) کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي اهميت تي ??ور ڏ??و. ??لاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ واپار، سيڙپڪاري، ترقي ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ۽ جامع بڻائڻ جي ل??ءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو. پاڪستان ۾ ناروي جي ناليواري ڪمپنين جي موجودگي جو ذڪر ڪندي پرڏيهي وزير اميد ظاهر ڪئي ته حڪومت جي پرڪشش سيڙپڪاري پاليسي مان وڌيڪ ڪمپنيون فائدو کڻنديون. پرڏيهي وزير پاڪستانين جي ل??ءِ قانوني اچ وڃ جا موقعا وڌائڻ جي اهميت تي پڻ ??ور ڏنو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ناروي ۾ رهندڙ پاڪستانين جي مثبت تعاون کي ساراهيو. افغ??نس??ان بابت بلاول ڀٽو زرداري افغ??نس??ان ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي ل??ءِ پاڪستان جي مضبوط حمايت کي ورجايو ۽ افغان عوام کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ مدد جي ل??ءِ افغان عبوري عملدارن سان عالمي برادري جي مسلسل شموليت جي ضرورت تي ??ور ڏ??و. ??اروي افغ??نس??ان مان نڪرڻ واري عمل ۾ پاڪستان پاران سهولت فراهم ڪرڻ کي ساراهيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ناروي جي پرڏيهي وزير کي پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي کان آگاهه ڪيو ۽ ناروي پاران ڏني ويندڙ امداد کي ساراهيو. ٻنهي ڌرين گڏيل قومن ۽ گهڻ رخي جي اهميت تي ??ور ڏنو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون کي اڳتي وڌائڻ جي ل??ءِ ويجهو رابطو رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.